احمد سولنگي سان سرهي سانجهه، سندس شاعري ۾ رومانوي رنگ آهن

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت جي هڪ ڌڙي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ناليواري شاعر احمد سولنگي  جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي ڀٽائي آرٽس ڪائونسل طرفان سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم هال ۾ رنگ رتي سرهي سانجهه واري تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي اديب تاج جويو چيو ته احمد سولنگي سگهه ۽ برداشت سميت صلاحيتن جي ڪري همعصرن ۾ اوچو ٿي بيٺو آهي، هو پنهنجي شاعري ۾ منفرد مقام رکي ٿو، سنڌي ٻولي تمام گهڻي وسيع آهي. احمد سولنگي چيو ته شاعر کي هميشه حسن جي تلاش رهي ٿي، جيڪا شاعري سچ ۽ حقيقت تي ٻڌل ناهي، اها قبوليت ماڻي نٿي سگهي، جنهن جي شاعري ۾ وڍ ۽ ڏک آهي، اهو شاعر سماج ۾ پنهنجي حيثيت ٺاهي ٿو، شاعر کي دنيا سان گڏوگڏ پاڻ سان به ملڻ گهرجي. شاعر نصير مرزا چيو ته احمد سولنگي جي شاعري ۾ رومانوي رنگ بهترين آهي، ڪو به شاعر رومانوي شاعري کان بنا مڪمل شاعر نٿو ٿي سگهي. احمد سولنگي سان تمام گهڻو ويجهو رهيو آهيان. شاعر اقبال رند چيو ته 90ع کانپوءِ واري شاعري تي گهٽ ڳالهايو ويو آهي، احمد سولنگي وٽ گونجندڙ آواز آهي. شاعر رکيل مورائي چيو ته احمد سولنگي پنهنجي زندگي کي شاعري ۾ پيش ڪندڙ پنهنجي همعصرن ۾ واحد شاعر آهي. شاعر حسن جاگيراڻي چيو ته احمد سولنگي پنهنجي همعصر شاعرن ۾ تمام گهڻي شهرت ماڻي آهي، ليکڪ انور ساگر ڪانڌڙو چيو ته جديد نظم کي نئون روپ ڏيندڙ شاعر احمد سولنگي آهي، ايڊووڪيٽ سليمان ڏاهري چيو ته احمد سولنگي وٽ ڏات آهي، شاعر ٺهندو نه پر پيدا ٿيندو آهي، احمد سولنگي جي پورهئي تي اسان کي فخر آهي. شاعر بخشل باغي چيو ته احمد سولنگي جي شاعري جديد سنڌي شاعري جي نمائندگي ڪندڙ آهي. تقريب جي شروعات ۾ ڀٽائي آرٽس ڪائونسل جي اڳواڻ رفيق عيساڻي آجياڻو ڏيندي چيو ته ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ آرٽسٽن کي مڃتا ڏيڻ وارو سلسلو جاري رکندي اچي، احمد سولنگي جي شاعري بهترين آهي، هن پنهنجي صلاحيتن سان ادب ۾ مقام ٺاهيو آهي. رفيق عيساڻي تقريب ۾ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي تقريب کي نياز ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تقريب جي پڄاڻي تي محفل موسيقي پڻ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي ناميارن فنڪارن ريشمان پروين، تعمير حسين، رفيق فقير، ماسٽر ولي ۽ برڪت فقير پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري خوب داد ماڻيو. شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي جو دهلن ۽ شرنائين سان ڀرپور آجيان ڪئي وئي، کيس اجرڪن، لونگين ۽ گلن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.