ميهڙ لڳ پيسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو زخمي

ميهڙ (س ر) ميهڙ پريس ڪلب ۾ ڳوٺ پوراچو جي رهواسي ذوالفقار مهيسر پنهنجي پٽ وحيد مهيسر سان گڏ احتجاج ڪندي ۽ دانهيندي چيو ته سيال برادري جي ديدار نواز ۽ پوڙهو سيال کان مون پنهنجا پيسا 50 هزار گهريا ته انهن پيسا ڏيڻ بجاء   مون سان جهيڙو ڪيو ۽ مون کي ڌڪ هڻي زخمي ڪيو هن چيو ته هنن منهنجي مڇي جي تلاء تان زبردستي مڇي مارائي کڻي ويا هن چيو ته مان غريب مسڪين واپاري آهيان هنن مون کان اڍائي لکن ۾ مال ورتو هيو جن مان منهنجا 50 هزار روپيا انهن ڏي رهيل هيا جيڪي مون هنن کانگهريا ته هنن مون سان جهيڙو ڪيو ۽ منهنجي مڇي مارائي کڻي ويا هن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو  ته جهيڙو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي

  • ٽنڊي محمد خان ۾ حادثو، همراهه زخمي

ٽنڊو محمد خان ( ڊ ر ) ٽنڊو محمد خان جي حيدرآباد بدين روڊ تي مسافر وين ۽ موٽر سائيڪل جي ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾  55 ورهين جو عبدالرحمان سٺيو سخت زخمي ٿي پيو . جنهن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي . جڏهن ته وين ڊرائيور وين کي واقعي واري هنڌ ڇڏي فرار ٿي ويو آهي .

  • تلهار لڳ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي، هڪ جي حالت نازڪ

تلھار (رپورٽ) تلھار لڳ ساجن سوائي روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻه موٽر سائيڪل سوار سخت زخمي ٿي پيا جن مان ھڪ موٽر  سائيڪل سوار ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر،تفصيل موجب تلھار لڳ ساجن سوائي لنڪ روڊ وٽ دیر رات جو ڪمند جي ڀريل ٽريڪثر ٽرالي کان ڪراسنگ دوران ٻن موٽر سائيڪلن ۾ خطرناڪ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ 14 سالا عبدالمصور ٿيٻو ۽ 40 سالا علي احمد حاجاڻو سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري رورل ھيلٿ سينٽر تلھار ۾آندو ويو،طبي امداد ڏني وئي زخمي علي احمد حاجاڻي کي تشويشناڪ حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جڏھن ته عبدالمصور کي بدين اسپتال ريفر ڪيو ويو آھي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.