ابراهيم حيدري ۾ قتل ٿيل اهلڪار جا قاتل گرفتار

ملير (ڊ.ر)  ابراهيم حيدري ۾ 14 ڊسمبر تي ڦوروئن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪار جا قاتل گرفتار، ٻه ڏينهن اڳ ابراهيم  حيدري مان زخمي حالت ۾گرفتار جوابدار سمير عرف چريا ۽ فراز پوليس اهلڪار کي شهيد ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو، گرفتار جوابدار 12 ڊسمبر تي ڦر ڪرڻ بعد پيٽرولنگ تي موجود پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا هئا، پوليس ڪانسٽيبل صلاح الدين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آغا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي14 ڊسمبر تي پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو هو، پوليس اهلڪار مٿان فائرنگ ۾ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪري فارنزڪ لاءِ موڪليو ويو آهي، جڏهن ته امروز به جوابدارن جي فائرنگ سبب گولي ايس ايڇ او جي سيني تي لڳي بلٽ پروف جيڪٽ پاتل هئڻ سبب محفوظ رهيو، جوابدارن جي فائرنگ سبب گوليون پوليس موبائل سان لڳل هيون، گرفتار جوابدار پيشاور ملزم آهن ۽ ڪيترائي ڀيرا ڦرن، موٽر سائيڪل چوري ۽ غير قانوني هٿيارن جي ڪيسن ۾ گرفتار ٿي جيل وڃي چڪا آهن، ٽي رڪني جوابدارن جو گروهه ڦر ۽ چورين ۽ موٽر سائيڪل ڦر چوري ڪرڻ سميت ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.