ملير فيڪٽري ۾ فوت ٿيل پورهيتن جي جنازي نماز ڄام ڪنڊو ۾ ادا

ملير (ڊ ر)شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ڄام ڪنڊو لڳ آرٽسٽڪ ڪيميڪل فيڪٽري جي ٽينڪ جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي  ويل چئن پورهيتن جي جنازي نماز ڄام ڪنڊو ڳوٺ ۾ ادا ڪئي، جنازي نماز ۾ علائقي جي سياسي سماجي شخصيتن ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته فوتي پورهيتن جي تدفين اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي، 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود واقعي جو شاهه لطيف اڃا ڪيس داخل نه ڪري سگهي آهي، ان حوالي سان ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته شاهديون گڏ ڪري ٽينڪ کي سيل ڪيو ويو آھي جاچ جاري آھي، پوليس فوتين جي تدفين بعد وارثن جي مرضي موجب ذميوارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.