نوشهرو فيروز لوڪل گورنمينٽ آڊٽ آفيس تي اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو، رڪارڊ ضبط

نوشھرو فيروز  ( رپورٽ:  ايم ظفر تڳڙ ) اينٽي ڪرپشن نوشھروفيروز جي سرڪل آفيسر سانول گھوٽو جو عوامي شڪايتن تي  ڊسٽرڪٽ لوڪل گورنمينٽ  آڊٽ آفيس تي ڇاپو ھڻي  گورنمينٽ جا ڪروڙين روپين جي بجيٽ صرف ڪاغذي ڪاروائي ۾ ڏيکاري پئسا هڙپ ڪرڻ ۽ غير قانوني ڪوڙين  ڀرتين ۽ ان کان علاوه يونين ڪائونسلس  جي فنڊن ۾ لکين روپين جي ڪرپشن جي جانچ لاءِ 2019 کان وٺي 2021 تائين سمورو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آھي، ان موقعي تي سرڪل آفيسر سانول گھوٽو ۽ سب انسپيڪٽر محمد اسلم لنڊ ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته نوشھرو فيروز جي ماڻھن شڪايتون ڪيون آھن ته ضلعي ڪائونسل آفيس ۾ سال 2019 کان وٺي ڪوڙيون ڀرتيون ڏيکاري حڪومت کي لکين روپين جو نقصان ڏنو آھي ۽ يونين ڪانوئنسلن جي فنڊن ۾ پڻ  لکين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آھي، جيڪو مڪمل  رڪارڊ کنيو ويو آھي، ان رڪارڊ جي مڪمل جانچ ڪري ان جا تفصيل عوام اڳيان پيش ڪيا ويندا جيڪي آفيسر ملوث ھوندا انھن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.