سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن تي ڪيس خلاف بدين ۾ بک هڙتال

بدين (ڊ ر) سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ۽ سياف طرفان ڪالهه  ايوان صحافت بدين اڳيان سنڌ يونيورسٽي ۽ زرعي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن مٿان ثقافتي ڏينھن ملھائڻ تي ڪيس. داخل ٿيڻ خلاف علامتي بک ھڙتال ڪئي ان موقعي تي ايس يو پي جي ضلع صدر سيد حيدر علي شاه ۽ عثمان بجير صحافين کي ٻڌايو ھر سال سڄي سنڌ پاڪستان ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سنڌي قوم پنھنجو ثقافتي ڏينھن ملھائيندي آھي پر ڪڏھن به ڪيس داخل نه ٿيا پر ھن سال جڏھن کان اسماعيل راھو يونيورسٽين جو وزير ٿيو آھي تڏھن کان يونيورسٽين جي سنڌي شاگردن تي ثقافتي ڏينھن ملھائڻ تي ڪيس داخل ڪري سنڌي شاگردن جو ھٿ وٺي مستقبل تباھ ڪيو وڃي جنھن جي اسان شديد مذمت ڪندي مطالبو ٿا ڪريون ته شاگردن تان فورن ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.