سنڌ ۾ عوام لاءِ اٽو ۽ آبادگارن لاءِ ڀاڻ اڻ لڀ: ارباب غلام رحيم

ميرپورخاص (ڊ ر) ملڪ ۾ هڪ سازش تحت افراتفري ڦهلائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ان ۾ اُهي ماڻهون شريڪ آهن جيڪي ملڪ  جي دولت کي لٽي مُلڪ کان ٻاهر فرار ٿي ويا آهن، عوام ۽ مُلڪ جي دولت لٽيندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو عوام ۽ حڪومت سندن احتساب ڪندي اهڙو اظهار سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ وزيراعظم جي صاص صلاح ڪار ارباب غلام رحيم ميرپورخاص ۾ ملڪ هائوس ۾ دوري بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته  عوام پاران رد ڪيل سياست دان ڪوڙيون افواهون ۽ ڳالهيون ڦهلائي عوام کي موجوده حڪومت کان بدظن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن ۾ هو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگھندا عوام سندن اصل چهرو ڏسي چڪي آهي. هن چيو ته مُلڪ ۾ وقتي طور مهانگائي ضرور وڌي آهي انهي تي حڪومت جلد ڪنٽرول ڪري وٺندي ۽ عوام کي جلد رليف ملندو پر سنڌ ۾ عوام لاءِ اٽو ۽ آبادگارن لاءِ ڀاڻ اڻ لڀ ٿي ويو آهي ڀاڻ جي کوٽ جي ڪري ڪڻڪ جي پوکائي سخت متاثر ٿي آهي جنهن جي ڪري سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوکائي جو ٽارگيٽ پورو نه ٿي سگھندو جنهن سان سنڌ ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿي سگھي ٿو انهي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ سنڌ حڪومت جو ڪم آهي جنهن ۾ هو ناڪام نظر اچي رهي آهي سنڌ ۾ ٻين صوبن کان وڌيڪ مهانگي اگھن تي اٽو وڪرو ٿي رهيو آهي مخالفن کي تنقيد ڪرڻ جي بجاءِ عوام جي ڀلائي وارا ڪم ڪرڻ گھرجن پي ٽي آءِ ملڪ جي سڀني کان وڌيڪ مظبوط سياسي پارٽي آهي ايندڙ مڪاني توڙي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ۾ مخالفن کي وڏي مارجن سان شڪست ملندي ۽ پوري ملڪ ۾ پي ٽي آءِ جا اُميدوار ڪامياب ٿيندا، دوري دوران شهر جي معززن ۽ گھڻ گھرين خاص صلاحڪار کي ميرپورخاص شهر بجلي ۽ گيس جي بحران سميت ٻين مسئلن کان آگاه ڪيو جنهن تي هن عوام جي مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ وزيراعظم سان ڳالهائڻ جي خاطري ڪرائي ان موقعي تي حاجي ملڪ عبدالستار، ملڪ راجه عبدالحق، ملڪ عبدالغفار، ملڪ لياقت ۽ ٻيا موجود هئا.

  • ڏهرڪي لڳ عوامي آواز جي رپورٽر جي گهر مان چوري

ڏهرڪي(ن ع آ) ڏهرڪي شهر اندر نئي ايس ايڇ او جي اچڻ کان پوء شهر اندر چورن جو راڄ قائم ٿي ويو آهي ،گذريل ڏينهن  چور  ڏهرڪي جي مسلم ڪالوني مان صحافي اسد لغاري جي گهران لکين روپيا روڪ رقم ،پنج تولا سون ،چاندي ۽ سولر پليٽون سميت گهر جو الھ تلھ ٻوهاري ويا ان سلسلي ۾ صحافي اسد لغاري ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ فوتگي سبب ڳوٺ ويل هئاسين ته پويان چور ڏينهن ڏٺي جو گهر ۾ پيل ست لک ،پنج  تولا سون ،چاندي سميت سمورو قيمتي سامان ٻوهاري ويا آهن ،جڏهن ته اهڙي رپورٽ ڏهرڪي ٿاڻي درج ڪرائڻ باوجود پوليس چوري واپس نه ڪرائي سگهي آهي هوڏانهن ڏهرڪي پريس ڪلب جو هنگامي اجلاس صدر قاضي اگن شر جي صدارت هيٺ ٿيو ،اجلاس ۾ صحافين تنوير مهر ،اعظم سهرياڻي ،لياقت اعواڻ ،طاهر عباس ،صادق لغاري سميت پريس ڪلب جي سمورن ميمبرن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پوليس اگر 3 ڏينهن اندر چوري واپس نه ڪرائي ته ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

  • ڪوٽ غلام محمد ۾ گھر ۾ ھٿياربندن جو ڌاڙو،لکين رپيا ڦر

ڪوٽ غلام محمد (رپورٽ:الھداد خاصخيلي) ڪوٽ غلام محمد شھر جي غريب آباد پاڙي ۾ چار نامعلوم ھٿياربند آڌي رات جو محمد اشرف خاصخيلي جي گھر ۾ داخل ٿي ھٿيارن جي زور تي گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي گھر ۾ پيل لکين روپيا روڪ لکين روپين جو سون ۽جي گھر پيل لائيسنس وارو پسٽل پڻ ڦر ڪري فرار ٿي ويا .اھڙي اطلاع ڪوٽ غلام محمد پوليس کي ملڻ تي پوليس پھچي ڦر بابت تفصيل ورتا .ھوڏانھن ايس ايس پي ميرپورخاص پاران واقعي جو نوٽس وٺندي واقعي بابت جانچ ٽيم جنھن ۾ سي آئي اي انچارج غلام حسين سڌايو .سي آئي اي عملدار عنايت حسين زرداري ۽ فرانزڪ ٽيم موڪلي وئي .ٽيم ڪوٽ غلام محمد پھچي واقعي بابت گھر ڀاتين سان بيان ورتا ۽ شواھد گڏ ڪري جيو فينسي فنگر پرنٽ وٺي جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي .ايس ايچ او ڪوٽ غلام محمد فرمان اگھيم رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان واقعي بابت ٽيڪنيڪل طريقي سان جانچ ڪريون پيا .ھن ٻڌايو ته گھر ڌڻين اڃان تائين پئيسن يا سون جو تعداد نه ٻڌايو آھي .ٻه پسٽل لائيسنس وارا پڻ کڻي ويا آھن .ھوڏانھن ذريعن مان اھو پڻ معلوم ٿيو آهي ته ڦر ٿيل رقم تقريبن سترانھن لک روڪ ۽ لکين روپين جو سون ٻڌايو پيو وڃي .واقعي بابت گھر ڌڻي محمد اشرف خاصخيلي صحافين کي واقعي بابت ٻڌائڻ کان لنوائيندو رھيو .اوھان جيڪڏھن خبرون ھلائيندا ته منھنجي چوري ٻڏي ويندي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.