پڪا چانگ جبري گمشدگين خلاف ڪئمپ قائم ، جسقم اڳواڻ پهتو

فيض گنج (  ن ع آ ) پڪا چانگ ٻن نوجوانن جي جبري گمشدگي احتجاجي ڪيمپ جاري جسقم سينيئر اڳواڻ سرفراز ميمڻ ڪيمپ تي پهتو جسقم طرفان بيگناھ پرامن ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاجي تحريڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو سنڌ جي نوجوانن کي شعور رکڻ جي ڏوهه ۾ کنڀي کڻي گم ڪيو پيو وڃي عالمي ادارا مدد ڪن دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ پڙهيل لکيل شعور رکندڙ نوجوان کي حڪومتون سهولتون فراهم ڪنديو آهن پر سنڌ جي نوجوانن کي شعور جي ڏوھ ۾ کنڀي گم ڪيو پيو وڃي سنڌ بابل اسلام رهي آهي سنڌ ۾ تعليمي سهولتون نه هجڻ باوجود به سنڌ جا نوجوان تعليمي سرگرمين ۾ پوري ملڪ ۾ اڳتي آهن پر کين هر ميدان جيان تعليم ۾ نظر انداز ڪيو پيو وڃي سنڌ جي نوجوانن کي باغي بڻائڻ کان بهتر آهي قانون تي نظرثاني ڪري سندن ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪيو وڃي ادارن طرفان سنڌ جي نوجوانن سان اها روش خطرناڪ حالتون پيدا ڪرڻ پئي وڃي امن ڌرتي تي ماڻهن جو گم ٿيڻ مايوس ڪندڙ عمل آهي ان عمل کي تيز ڪرڻ بجاءِ بند ڪيو وڃي ان ۾ ادارن جي بهتري آهي سنڌ جي ماڻهن کي حق گهرڻ جي ڏوھ ۾ گم ڪرڻ ننڊ پيل شيهن جي پڇ تي لت ڏيڻ برابر آهي سنڌ ڏهاڪن کان پنهنجي پيارن جا لاش به پرامن طريقي سان وصول ڪري رهي آهي هاڻي سنڌ جو نوجوان بيدار ٿي رهيو آهي حالتن جي خراب ٿيڻ جا ذميوار خود ماڻهن کي گهرن مان گم ڪندڙ ئي هوندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.