قمبر شهر ۾ بجلي تارن مان ڪرٽن لڳڻ سبب مستري فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) قمبر شهر ۾ بجلي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب خيرپور ناٿن شاهه واسي بجلي جو نوجوان مستري فوت ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾  ڪالهه قمبر شهر جي سينيما پاڙي ۾ نئين ٺهيل جڳهه ۾ بجلي جي ڪم دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب خيرپور ناٿن شاهه واسي بجلي جو مستري نوجوان اسد علي پٽ ارباب سومرو بيهوش ٿي پيو جنهن کي سندس مامي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي موت جي تصديق ڪئي وئي جنهن تي وارث فوتي جي لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي فوتي نوجوان نوجوان جي مامي قمرالدين سومرو ٻڌايو ته ڀاڻيجو اسد علي سومرو قمبر شهر جي سيمينا پاڙي ۾ اڪبر شاهه جي نئين ٺهيل جڳهه ۾ بجلي جو بورڊ لڳائي رهيو هو جتي بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب هو بيهوش ٿيو جنهن کي اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي نوجوان جو لاش وارثن خيرپور ناٿن شاهه کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.