ڌاٻيجي ۾ ڪتن جو آزار،ھڪ نينگر ڏاڙھجي ويو

ڌاٻيجي (ن ع آ) ڌاٻيجي رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو پنجي ڪلاس جي شاگرد دانيال جوکيو کي اسڪول جي ٻاهران هاف ٽائم مھل راند ڪندي گرائونڊ ۾ ڏاڙھي وڌو اسپتال منتقل ياد رهي ته گذريل ڪيترئي عرصي کان ڌاٻيجي ،شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني ،بلال نگر ،ماڊل ٽاون ،غريب آباد مارڪيٽ ،ڀنڀور سميت مختلف ننڊن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌيل آھي هر روز معصوم ٻارن کي رولو ڪتا ڏاڙهين ٿا پر انتظاميا اگور ننڊ پيل آھي گذريل 15ڏينهن پهريان ڀنڀور واسي معصوم نينگر ستار  ملاح کي ڪتن ڏاڙهيو جنهن جو بروقت علاج نه ٿيڻ سبب معصوم نينگر ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ ڌم ڏنو انهي موقعي تي علائقي واسين ڇڇر ملاح ،صالح محمد مينڌرو ،ارمان علي ۽ ٻين اسٽنٽ ڪمشنر مير پور ساڪرو کان اپيل ڪندي چيو ته رولو ڪتا مهم شروع ڪري وڌيڪ معصوم جانين کي بچايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.