وارهه ۾ رولو ڪتن ٻارڙي کي زخمي ڪري وڌو، لاڙڪاڻي منتقل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) وارهه تعلقي جي ڳوٺ جوڻاڻي شريف ۾ راند کيڏڻ دوران رولو ڪتي حملو ڪري 8 سالن جي نينگر مزمل پٽ شرف الدين تونيو جي جسم جي مختلف حصن تي چڪ هڻي کيس رتورت ڪري ڇڏيو نينگر جي ررڙين تي وارثن پهچي کيس رولو ڪتي کان ڇڏائي کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي نينگر کي ڪتي چڪ کان بچاءُ واري ويڪسين لڳائڻ سان گڏ طبي امداد ڏني وئي جنهن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. ان موقعي تي رولو ڪتي جي حملي ۾ زخمي ٿيل نينگر جي پيءُ شرف الدين تونيو ٻڌايو ته منهنجو پٽ گهر ٻاهريان راند کيڏي رهيو هو جتي رولو ڪتي سندس مٿان حملو ڪري کيس جسم جي مختلف حصن تي چڪ هڻي رتورت ڪري ڇڏيو سندس رڙيون ٻڌڻ بعد اسان پهچي کيس رولو ڪتي کان ڇڏائي بعد ۾ اسپتال داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن سندس جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.