حڪومت ضمني مالياتي بل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، اپوزيشن جو احتجاج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مني بجيٽ بل 2021 سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جنهن تي اپوزيشن طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته بل جون ڪاپيون لاڳاپيل ڪميٽي کي موڪليون ويون.

ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين مني بجيٽ بل 2021 ايوان ۾ پيش ڪيو ته سينيٽ چيئرمين بل جون ڪاپيون لاڳاپيل ڪميٽي کي موڪليندي ٽن ڏينهن ۾ راءِ طلب ڪري ورتي.

سينيٽر رضا رباني، شيري رحمان ۽ ٻين اپوزيشن ميمبرن چيو ته اهو بل آءِ ايم ايف جي چوڻ تي پيش ڪيو ويو، اسٽيٽ بئنڪ کي گروي رکيو پيو و ڃي، ايوان ۽ قوم کي اعتماد ۾ ورتو و ڃي.

ايوان عورتن کي ڪم واري هنڌ هراسان ٿيڻ کان تحفظ جو ترميمي بل 2021 گڏيل طور منظور ڪري ورتو.

قائد ايوان شهزاد وسيم ن ليگ نائب صدر مريم نواز جي ميڊيا بابت مبينا آڊيو ليڪ جو معاملو اٿاريو.

ن ليگ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته جن ماڻهن اها آڊيو توهان کي فراهم ڪئي آهي، انهن وٽ توهان جون ويڊيوز به موجود آهن.

ريڪوڊڪ معاملي تي حڪومت طرفان بريفنگ نه ڏيڻ تي اپوزيشن ايوان مان ٻه ڀيرا واڪ آئوٽ ڪيو، جڏهن ته 3 ڀيرا ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ ڪورم پورو نه هجڻ تي اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.