آمريڪا ۾ هڪ ئي ڏينهن سامهون ايندڙ ڪورونا ڪيسن جو عالمي رڪارڊ

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڪورونا جي عالمي وبا دوران آمريڪا قومي سطح تي هڪ نئين عالمي رڪارڊ جو سبب بڻجي ويو.

جان هاپڪنز يونيورسٽي جي ڊيٽا موجب آمريڪا ۾ ڪالهه سومر ڏينهن ڪووڊ 19 جا هڪ ملين کان وڌيڪ نوان ڪيس رجسٽرڊ ڪيا ويا.

ان ئي دوران دنيا جي ان سڀ کان وڏي معيشت ۾ عالمي وبا وڌيڪ هڪ هزار 688 ڄڻن کان حياتيون به کسي ورتيون.

واضح رهي ته آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جو اومي ڪرون ويرينٽ اڄڪلهه تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي ۽ ماهرن موجب اومي ڪرون جي پکيڙ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ نين اوچائين تي پهچندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.