ڪورونا کان پوءِ فلورونا، ڇا اهو ڪو نئون وائرس آهي؟

دنيا ۾ ڪورونا جي نئين قسم اومي ڪرون جا وار جاري آهن ۽ هاڻ فلورونا جو پهريون ڪيس به سامهون آيو آهي.

فلورونا ڇا آهي؟

فلورونا ڪووڊ-19 ۽ انفلوئينزا تي ٻڌل ڊبل انفيڪشن آهي، ڪورونا ۽ انفلوئينزا جي ٻٽي انفيڪشن کي ”فلورونا“ چيو پيو وڃي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب فلورونا ڪورونا وائرس جو ڪو نئون قسم نه آهي.

هڪ ئي وقت ڪورونا ۽ فلو ۾ مبتلا ٿيندڙ جي قوت مدافعت بري طرح متاثر ٿئي ٿي.

هڪ ئي وقت فلو ۽ ڪورونا جو ٻٽو انفيڪشن فلورونا آهي.

صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) موجب هڪ ئي وقت ٻن بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ جو امڪان هر وقت موجود رهندو آهي.

ڪورونا ۽ انفلوئينزا کان بچڻ جو واحد طريقو اهو ئي آهي ته فوري طور تي ويڪسينيشن ڪرائي وڃي.

واضح رهي ته تازو ئي اسرائيل جي هڪ مقامي اسپتال ۾ هڪ ڳورهاري عورت کي داخل ڪيو ويو جنهن جي ٽيسٽ ۾ انڪشاف ٿيو ته اها فلورونا نالي بيماري ۾ مبتلا آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.