هوسڙي: يوسي 93 جي رهواسين جو يوسي سيڪريٽري ۽ مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

هوسڙي ۾ يوسي 93 جي رهواسين پاران يوسي سيڪريٽري جي آفيس ۾ نه ويهڻ ۽ عوامي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ھوسڙي  لڳ ليبرڪالوني ۾ رهواسين پاران غلام اصغر کوڙو .جمال شاھ .گلزار احمد ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ يوسي 93 جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ  هو ته چيئرمينن جو مدو ختم ٿيڻ کان پوء يوسي 93 جي ايڊمنيسٽريٽ عوام لاء عزاب بڻجي وئي آهي. سيڪريٽري  آفيس ۾ اچي ئي نٿو ۽ آفيس ۾ من پسند ۽ پرائيويٽ ماڻھن کي ڪلارڪ مقرر ڪري  ڊيٿ، پيدائشي ۽ ميرج سرٽيفڪيٽن جي فيس جي مد ۾ ھزارين رپيا وصول ڪري عوام کي ٻنھين ھٿن سان  لٽيو پيو وڃي.

ھنن چيو ته معاملي بابت ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود هن وقت تائين ڪو به تدارڪ ناهي ٿي سگھيو، .

احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت، نيب ۽  اينٽي ڪرپشن کان مطالبو ڪيو ته عوام کان سرٽيفڪيٽن جي مد ۾ پيسا وٺڻ ۽ سيڪريٽري جي آفيس ۾ نه ويهڻ جو نوٽيس وٺي پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.