ڪوٽڙي: گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو

ڪوٽڙي ۾ بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

ڪوٽڙي سائيٽ جي ڀٽائي ڪالوني واري علائقي ۾ 10 ڏينھن اڳ بيدري سان گوليون ھڻي قتل ڪيل نوجوان عمران ٻگھيو جي قاتلن جي گرفتاري لاء نوجوان جي وارثن ۽ ٻگھيا برادري سميت سياسي سماجي اڳواڻن پاران ٻٻر چوڪ کان ريلي ڪڍي 3 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري ڪوٽڙي اور ھيڊ بيج تي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته 10 ڏينهن گذري وڃڻ باجود پوليس هن وقت تائين نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ناهي ڪري سگھي اعليٰ اختيارين کان مطالبو آهي ته نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.