راڻيپور: ڳوٺ رفيق مهيسر ۾ مچ ڪچهري ڪرائي وئي

راڻيپور ڀرسان ڳوٺ رفيق مهيسر ۾ نئين سال جي خوشي ۾ ثقافتي مچ ڪچهري ڪرائي وئي.

مچ ڪچهري جي محفل سماجي اڳواڻ عاطف مهيسر جي آستاني تي ڪراِئي وئي. جنهن ۾ سنڌ جي مشهور صوفي راڳين نديم فقير، اياز ملاح، ظفر فقير مهيسر ۽ ٻين سرن جي ورکا ڪري محفل ۾ ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو جڏهن ته نوجوانن پاران قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو.

ان موقعي تي محفل جي ميزباني ڪندڙ سماجي اڳواڻ عاطف مهيسر ۽ جو چوڻ هو ته نئون سال خوشين جو سال هوندو، سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي جتان سدائين پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس مليو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.