ڳاڙهي گوشت جو گھڻو استعمال دل جي صحت لاءِ هاڃيڪار قرار

جيڪڏهن اوهان کي ڳاڙهو گوشت کائڻ گھڻو پسند آهي ته اها عادت اوهان کي موتمار دل جي مرضن جو شڪار بڻائي سگھي ٿي.

اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

ڪليو لينڊ ڪلينڪ جي ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اها ته خبر آهي ته ڳاڙهي گوشت ۾ موجود سڻڀ ۽ ڪولسٽرول دل جي شريانين لاءِ هاڃيڪار هوندو آهي پر معدي ۾ موجود بيڪٽيريا به ان حوالي سان ڪردار ادا ڪندا آهن.

تحقيق ۾ اهڙيون شاهديون فراهم ڪيون ويون آهن جن ۾ معدي ۾ موجود بيڪٽيريا ۽ هڪ مرڪب ٽي ايم اي او وچ ۾ واسطو ثابت ٿيندو آهي جنهن سبب ڳاڙهو گوشت گهڻو کائيندڙن ۾ هارٽ اٽيڪ ۽ فالج جو خطرو وڌي ويندو آهي.

اسان جي آنڊن ۾ کربين بيڪٽيريا هوندا آهن جن مان گھڻا بي ضرر هوندا آهن جيڪي صحت جي حوالي سان ڪردار ادا ڪندا آهن.

اهي بيڪٽيريا ڪجهه مرڪبن کي ٺاهڻ جو ڪم ڪندا آهن جن مان هڪ ٽي ايم اي او به آهي جنهن کي هڪ مخصوص قسم جا بيڪٽيريا 3 غذائي جُزن جي مدد سان تيار ڪندا آهن جيڪي ڳاڙهي گوشت ۽ جيرن ۾ وڌيڪ مقدار ۾ موجود هوندا آهن.

ان تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته جسم ۾ ٽي ايم اي او جو وڌيڪ مقدار هارٽ اٽيڪ، فالج ۽ موت جي خطري ۾ واڌ جو اشارو ڏيندا آهن.

تحقيق موجب ڳاڙهو گوشٽ گھڻو کائيندڙن ۾ ٽي ايم اي او جي سطح ۾ هڪ مهيني جي اندر ٻين کان ٽيون حصو اضافو ٿي ويندو آهي.

پر سٺي خبر اها آهي ته ان اثر کي ريورس ڪري سگھجي ٿو ۽ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته غذا مان ڳاڙهي گوشت جي مقدار کي گھٽائي 3 کان 4 هفتن ۾ ٽي ايم اي او جي سطح صحتمند سطح تائين گھٽائي سگھجي ٿي.

محققن ٻڌايو ته اسان کي خبر آهي ته دل جي شريانين جي صحت لاءِ طرز زندگي جا عنصر گھڻا اهم هوندا آهن ۽ نتيجن مان وڌيڪ شاهديون مليون آهن ته ٽي ايم اي او جي سطح ۾ گھٽتائي آڻي دل جي مرضن جو خطرو گھٽائي سگھجي ٿو.

ان تحقيق جا نتيجا طبي رسالي نيچر مائڪرو بائيولوجي ۾ ڇپيل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.