سهيل پٺاڻ جي سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ چيئرمين طور مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عدالت سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل پٺاڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.

آغا سهيل پٺاڻ جي مقرري خلاف پرويز احمد بلوچ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته درخواستگذار کي مئي 2021 ۾ سنڌ ڪابينا ٽن سالن لاءِ چيئرمين مقرر ڪيو هو، چيف سيڪريٽري ٽن سالن جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي آغا سهيل کي نئون چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو.

وڪيل جو چوڻ هو ته چيف سيڪريٽري پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو، سنڌ حڪومت پهرين جنوري تي آغا سهيل پٺاڻ کي سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو نئون چيئرمين مقرر ڪيو هو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ آغا سهيل پٺاڻ جي سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ چيئرمين طور مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.