ڪراچي ڌرڻو: سراج الحق جو بلاول ۽ آصف زرداري کان مطالبو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ڪراچي ڌرڻي جي صورتحال تي مرڪزي اڳواڻن جو اجلاس اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ طلب ڪري ورتو، هو 7 جنوري تي ڪراچي جو دورو ڪندو ۽ ڌرڻي کي خطاب ڪندو.

پنهنجي بيان ۾ سراج الحق چيو ته اسان ڪراچي جي حقن لاءِ ڌرڻو هنيو آهي، پ پ ڳالهين جو رستو اختيار ڪري، مڪاني ايڪٽ تي اپوزيشن جماعتن جا خدشا ٻڌي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت وارو رويو اختيار ڪري جمهوريت مخالف هجڻ جو ثبوت نه ڏئي، سنڌ حڪومت صوبائي مڪاني ايڪٽ واپس وٺي.

سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري سنڌ حڪومت کي چئي ته جماعت اسلامي سان ڳالهيون ڪري، پ پ رڳو اڪثريتي جماعت هجڻ سبب ڪراچي جي عوام کي نه ڪاوڙائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.