اومي ڪرون: سنڌ ۾ اسڪول بند ٿيندا يا نه؟ اهم خبر

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي خطرناڪ قسم اومي ڪرون جي 101 ڪيس جي تصديق ٿي وئي.

سنڌ جي صحت کاتي موجب صوبي ۾ 101 اومي ڪرون ڪيس سامهون اچي چڪا آهن، سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڪراچي ۾ سامهون اچي رهيا آهن.

صوبائي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته وڌيڪ ڪيس ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي ۾ سامهون آيا آهن، جن جو انگ 39 آهي، 23 ڪيس اوڀر ضلعي ۾، جڏهن ته ملير، ڪورنگي، سينٽرل ۽ اولهه ۾ 2-2 ڪيس سامهون آيا آهن.

هوڏانهن صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان پاڪستان ۾ ڪورونا جي پنجين لهر جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اومي ڪرون جا ڪيس هر هنڌ سامهون اچي رهيا آهن، ڪراچي ۾ ان قسم جي ڪيسن جي شرح 8.9 سيڪڙو، جڏهن ته لاهور ۽ پشاور ۾ 2.2 سيڪڙو آهي.

سنڌ، خاص طور ڪراچي ۾ رابطن ذريعي اومي ڪرون ڪيسن ۾ واڌ تي سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پابندين تي غور شروع ڪري ڇڏيو.

اومي ڪرون سبب ڪورونا ڪيسن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿيندي پئي وڃي، جنهن جي پکيڙ روڪڻ لاءِ صوبائي صحت کاتو ڪاروباري وقت محدود ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي.

سنڌ جي صحت کاتي طرفان مختلف ضلعن ۾ اسڪول بند ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي، ان حوالي سان حتمي فيصلو ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.

رپورٽن موجب ڪراچي ۾ ڪورونا ويڪسينيشن جي شرح ملڪ ۾ سڀ کان گهٽ آهي ۽ رڳو 40 سيڪڙو ماڻهن ويڪسين ڪرائي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.