مسلمان عورتن جي وڪري واري ويب سائيٽ سخت رد عمل کان پوءِ بند

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ مسلمان عورتن جي وڪري جي جعلي ويب سائيٽ کي عوام جي سخت ڪاوڙ کان پوءِ بند ڪيو ويو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي حڪومت ان حوالي سان جاچ ڪري رهي آهي، ويب سائيٽ تي 100 مسلمانن عورتن جون جعلي تصويرون لڳايون ويون هيون جنهن ۾ نوبل انعام يافتا ملالا يوسف زئي ۽ مشهور ڀارتي اداڪارا شبانه اعظمي جي تصوير به شامل هئي.

ان کان سواءِ ڄاڻايل ويب سائيٽ تي ڀارتي عورت صحافڻ عصمت آراءَ جي تصوير به موجود هئي جنهن جي خلاف عصمت آراءِ دهلي پوليس کي شڪايت به ڪئي هئي.

ڀارتي عورت صحافڻ عصمت آراءَ جو چوڻ هو ته ويب سائيٽ مسلمان عورتن جي توهين جي نيت سان ٺاهي وئي هئي.

آمريڪي ميڊيا موجب جعلي ويب سائيٽ جي عملي استعمال جا اشارا ناهن مليا پر ان ويب سائيٽ جو مقصد رڳو مسلمان عورتن کي هراسان ۽ پريشان ڪرڻ هو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.