اسرائيلي فوجي هيلي ڪاپٽر سمنڊ ۾ ڪِري تباهه، ٻه آفيسر مري ويا

 

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جو هڪ فوجي هيلي ڪاپٽر تباهه ٿيڻ جي واقعي ۾ ٻه آفيسر مري ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

اسرائيلي ڊفينس فورسز ٻڌايو ته ملڪي بحريا جو اهو هيلي ڪاپٽر حيفه جي ڪناري ڀرسان اڏام دوران سمنڊ ۾ ڪِري تباهه ٿي ويو.

حادثي جو شڪار نيول هيلي ڪاپٽر تربيتي اڏام تي هو، حادثي ۾ مرندڙ ٻئي آفيسر ان هيلي ڪاپٽر جا پائلٽ ٻڌايا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.