تحريڪ انصاف خلاف اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ ۾ وڏا انڪشاف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف اسڪرونٽي ڪميٽي جي رپورٽ ۾ وڏا انڪشاف سامهون اچي ويا.

پي ٽي آءِ خلاف اليڪشن ڪميشن جي اسڪرونٽي ڪميٽي رپورٽ جا نڪتا سامهون اچي ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن ۾ جمع اسڪرونٽي ڪميٽي جي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ اڪائونٽ اسٽيٽمينٽ ۾ شامل ڪيش رسيدون بئنڪ اسٽيٽمينٽ سان هڪجهڙائي نه ٿيون رکن.

رپورٽ موجب اسٽيٽ بئنڪ جي بئنڪ اسٽيٽمينٽ مان ظاهر آهي ته پي ٽي آءِ کي هڪ ارب 64 ڪروڙ رپين جا عطيا وصول ٿيا، پي ٽي آءِ 31 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم اليڪشن ڪميشن ۾ ظاهر نه ڪئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽن بئنڪن 2008 کان 2012 تائين جي اڪائونٽن جا تفصيل اثاثن ۾ ظاهر نه ڪيا، 5 سالن ۾ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ فرمز آڊٽ رپورٽن جو هڪ ئي ٽيڪسٽ جاري ڪيو، چارٽرڊ اڪائونٽنٽ فرم پنهنجي آڊٽ رپورٽ ۾ ڪا تاريخ داخل نه ڪئي، تاريخ جو داخل نه ٿيڻ اڪائونٽنگ معيار جي خلاف آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.