سنگل چارج تي620 ميل سفر ڪندڙ مرسڊيز جي نئين اليڪٽرڪ گاڏي پيش

مرسڊيز هڪ نئين اليڪٽرڪ ڪانسيپٽ گاڏي او ڪيو ايڪس ايڪس متعارف ڪرائي آهي.

لاس ويگاس ۾ سي اي ايس نمائش جي موقعي تي ڪمپني گاڏي جي جهلڪي پيش ڪئي.

ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ان جي نئين ڪانسيپٽ گاڏي سنگل چارج تي 620 ميلن تائين سفر ڪري سگھي ٿي جڏهن ته ان ۾ مختلف ري سائيڪل مٽيريلز کي استعمال ڪيو ويو آهي.

مرسڊيز جي سنگل چارج تي متاثر ڪندڙ 620 ميل سفر جي دعويٰ ڪمپيوٽر ٽيسٽنگ تي ٻڌل آهي ۽ حقيقي ڊرائيونگ ناهي ڪئي وئي.

جيڪڏهن اها دعويٰ درست ثابت ٿي ته اها سنگل چارج تي سڀ کان وڌيڪ سفر ڪندڙ اليڪٽرڪ گاڏي هوندي.

فوٹو بشکریہ مرسڈیز

ڪمپني موجب 2022ع جي بهار جي موسم ۾ گاڏي جي ڊرائيونگ جي حقيقي ٽيسٽ ڪئي ويندي.

مرسڊيز جو چوڻ هو ته هو 2025ع تائين اليڪٽرڪ گاڏين جو وڪرو 50 سيڪڙو تائين ڪرڻ چاهين پيا ۽ 2030ع تائين اهي رڳو اليڪٽرڪ گاڏين کي تياري ڪرڻ جا خواهشمند آهن.

مرسڊيز اي ڪيو ايڪس ايڪس کي سيريز پروڊڪشن لاءِ ٽيڪنالوجي بليو پرنٽ قرار ڏنو پر ان جي وضاحت ناهي ڪئي وئي.

ان گاڏي ۾ مرسڊيز اي ڪيو ايس کان 50 سيڪڙو وڏو بيٽري پيڪ موجود آهي جنهن جو وزن 30 سيڪڙو گھٽ آهي.

واضح رهي ته اي ڪيو ايس مرسڊيز جي فل اليڪٽرڪ سيڊان آهي جيڪا واهپيدارن لاءِ دستياب آهي.

فوٹو بشکریہ مرسڈیز

گاڏي جي رينج ۾ اضافي لاءِ ڪمپني ايروڊائنامڪس تي ڌيان ڏنو آهي جڏهن ته ان جو وزن گھٽ کان گھٽ رکيو ويو آهي ته جيئن سنگل چارج تي وڌيڪ سفر ڪري سگھجي.

ان جو بيٽري پيڪ ميگنيشيئم ۽ المونيم بريڪس سان تيار ڪيو ويو آهي جڏهن ته سسپينشن جي تياري لاءِ ميٽل بدران گلاس فائبر پلاسٽڪ کي استعمال ڪيو ويو آهي.

گاڏي جي اندر هڪ وڏي ٽچ اسڪرين آهي جيڪا ڊيش بورڊ تي پکڙيل آهي جنهن ۾ 4 فٽن جي وائيڊ اسڪرين آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.