سنڌ ۾ اومي ڪرون جي ڪيسن ۾ واڌ، انگ 100 کان وڌي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي خطرناڪ قسم اومي ڪرون جي 101 ڪيس جي تصديق ٿي وئي.

سنڌ جي صحت کاتي موجب وڌيڪ ڪيس ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي ۾ سامهون آيا آهن، جن جو انگ 39 آهي.

اومي ڪرون جا 23 ڪيس اوڀر ضلعي ۾ سامهون آيا، جڏهن ته ملير، ڪورنگي، سينٽرل ۽ اولهه ۾ 2-2 ڪيس سامهون آيا آهن.

صحت کاتي موجب ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ 21 ڄڻن ۾ اومي ڪرون جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته 9 ماڻهو اهڙا آهن، جن جي ڪا ٽريول هسٽري ناهي.

صوبائي صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڪيسن جي جينوم سيڪوينسنگ آغا خان ۽ ڊائون اوجها اسپتال ۾ ڪئي وئي، هن وقت به 47 ڄڻن جي جينوم سيڪوينسنگ جو مرحلو جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.