خواجا آصف خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪيس ۾ عمران خان کان جواب طلب

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو.

عمران خان جي بيان تي آڏي پڇا جو حق ختم ڪرڻ جي سيشن ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله ڪئي.

خواجا آصف جي وڪيل چيو ته ٽرائل ڪورٽ جي جج عمران خان جي بيان تي آڏي پڇا جو حق ختم ڪري ڇڏيو.

چيف جسٽس پڇيو ته ساک کي نقصان پهچائڻ جو اهو ڪيس ڪڏهن کان ٻڌڻي هيٺ آهي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته اهو ڪيس 2012 جو آهي، 2021 ۾ سوال واضح ڪيا ويا.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالت هدايت ڏني آهي ته ساک کي نقصان پهچائڻ جا ڪيس جلد اڪلايا وڃن، ڪيس ۾ ايڏي دير جو ذميوار ڪير آهي؟ ڇا توهان چئو ٿا ته دير عمران خان طرفان ٿي؟

جسٽس اطهر من الله چيو ته 2012 کان ڪير دير جو شڪار ٿي رهيو آهي، ان جو فيصلو ته ٻن مهينن ۾ اچڻ گهرجي ها.

خواجا آصف جي وڪيل چيو ته ٻنهي ڌرين طرفان دير ڪئي وئي، جڏهن سوال واضح ٿيا ته خواجا آصف 6 مهينن جي نيب حراست ۾ هو، جڏهن ته عمران خان شروع ۾ ڪيس جي پيروي ئي نه ڪئي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي ڪيس جي ڪارروائي اڳتي وڌائڻ کان روڪيندي وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو ۽ ٻڌڻي 12 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.