ڪراچي وارن لاءِ بجلي مهانگي ٿي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي جي واهپيدارن لاءِ بجلي هڪ رپيو 7 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

بجلي آڪٽوبر جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي آهي، واهپيدارن کان اها واڌ جنوري جي بلن ۾ وصول ڪئي ويندي.

بجلي جي قيمت ۾ اها واڌ لائف لائن واهپيدارن تي لاڳو نه هوندي.

واضح رهي ته ڪراچي جا واهپيدار ڊسمبر جي بلن ۾ سيپٽمبر جي في يونٽ 4 رپيا ايڊجسٽمينٽ به ادا ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.