پيروسڻ واسين جو بااثر خلاف احتجاج، ننهن کي اغوا ڪرڻ جو الزام

سيٺارجا (ن ع آ) پيروسڻ ڀرسان ڳوٺ محمد دائود شر جي رھواسين بشير شر, امينت  ۽ ٻين هتي پهچي احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته بااثر امام علي شر ۽ سندس جا پٽ ۽ ڀائر منھنجي نوجوان نھن شڪيلا کي اسان جي گھر مان ٻه مهينه اڳ زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا آهن جنهن کي پئسن عيوض وڪرو ڪري ڇڏيو آھي جن خلاف ناري جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو آهي پر ميرواه پوليس سندن جي ونگارو بڻيل آهي جن خلاف ڪيس داخل هجڻ باوجود ڪاروائي نه ٿي ڪري ويتر جوابدارن اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي هنن چيو ته امام علي شر بااثر آهي جيڪو پوليس کي ڳري رشوت ڏئي اسان کي پنهنجي گهرن مان بي دخل ڪرائي ڇڏيو آهي اسان هن وقت دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون هنن وڌيڪ چيوته ايس ايس پي خيرپور سميت مختلف هنڌن تي دانهيو آهي پر جوابدارن خلاف ڪير ڪاروائي نه پيو ڪري اسان جي نياڻي کي بااثرن پئسن عيوض وڪرو ڪري ڇڏيو آهي  ۽ هاڻي اسان مٿان ڏمرجي پيا آهن ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان کي خدشو آهي ته ڪٿي اسان جي نياڻي کي جوابدار قتل نه ڪرائي ڇڏين هنن آء جي سنڌ, ڊي آء جي سکر کان گهر ڪئي ته اسان جي نياڻي کي واپس ڪرائي جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.