گهوٽڪي جا آبادگار گڏٿي ويا، ٻين صوبن ڏانهن سملنگ روڪيو: آبادگار

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گذريل  ڏينهن سنڌ آبادگار بورڊ ضلعي گهوٽڪي جي ماھانه گڏجاڻي  ميان محمد شريف قريشي جي زير صدارت گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن۾ ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪيون ويون ، يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ کي ختم ڪري عام هاري ۽ آبادگارن ۾ بيچيني ختم ڪئي وڃي يوريا ڀاڻ جي ٻين صوبن ۽ ٻين ملڪن  ڏانهن اسملنگ کي روڪيو وڃي يوريا ڀاڻ جي ڊيلرن کي پابند ڪيو وڃي جڏهن ته ڀاڻ هر هاري کي مقرر ريٽ 1768 تي ڏنو وڃي ،نه ته ٻئي صورت ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي دروازو کڙڪايو ويندو جڏهن ته تعلقن جا روڊ ۽ رستا تمام خراب لڳا پيا آهن، انهن کي جلد از جلد ٺهرايو وڃي هر ڳوٺ واهڻ ۽ وستين ۾ امن امان کي بحال ڪي وڃي.گڏجاڻي خير خوبي سان ٿي گذري جنهن ۾ هيٺين عهديدارن قاضي عبدالستار،زاهد قريشي ،ڊاڪٽر فاروق قريشي ،عبدالستار رڪ ،غازي خان پتافي ،احسن خان ڌاريجو،مجيب الرحمان ڪلوڙ ،غلام الله ڪلادي ،علي احمد چاچڙ ،محمد اسماعيل اعواڻ ،خليل احمد ميراڻي ۽ ٻين آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،پيٽرول ۽ ڊيزل جا گهٽايا وڃن جيئن غريب عوام جي مٿان بار گهٽجي سگهي ،گڏجاڻي خير خوبي سان ٿي گذري جنهن ۾ هيٺين عهديدارن قاضي عبدالستار،زاهد قريشي ،ڊاڪٽر فاروق قريشي ،عبدالستار رڪ ،غازي خان پتافي ،احسن خان ڌاريجو،مجيب الرحمان ڪلوڙ ،غلام الله ڪلادي ،علي احمد چاچڙ ،محمد اسماعيل اعواڻ ،خليل احمد ميراڻي ، ۽ ٻين آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.