نبي سر ڀرسان ڳوٺ ڪيٽل فارم تي چانڊين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 5 زخمي

ڪنري (ت ر) نبي سر ٿر ڳوٺ ڪيٽل فارم تي چانڊيا برادري جو سرڪاري زمين تي بيٺل ديوين ۽ ٻٻرن جي وڻن تي چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾  جھيڙو ٿي پيو، جنھن دوران لتن، مڪن، لٺين ۽ پٿرن جو وسڪارو ڪيو ويو. جنھن سبب پنج ماڻھو زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ رمضان چانڊيو، ولي محمد چانڊيو، بلاول ۽ ٻيا شامل آھن، جھيڙي بعد آسپاس جي ڳوٺاڻن ۽ چڱن مڙسن وچ ۾ پئي جھيڙي کي ٽاريو جڏھن ته پوليس نه پھتي ھئي، ڳوٺاڻن دانھيندي ٻڌايو ته ڪيٽل فارم لايو اسٽاڪ جي زمين تي مبينا قبضن جو سلسلو جاري آھي جنھن سبب انتظاميا جي ملي ڀڳت سبب اھڙا جھيڙا روز جو معمول بڻيل آهن، اصل جيڪي کاتيدار آهن انھن جا پاڻي ۽ آئيٺا انتظاميا طرفان ڪرمنل ۽ ڏوھاري ماڻھن جي حوالي ڪيل آهن جڏهن ته اصل کاتيدار دربدر آهن ھيءُ سنگين معاملا آهن ڪنهن وقت به خون ريزي ٿي سگهي ٿي انھن لاءِ اعلي ادارن کي گھرجي ته لائيو اسٽاڪ ڪيٽل فارم جي آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته حقدار ۽ کاتيدار ھاري پنهنجون زمينون آباد ڪري سگھن، ٻئي پاسي واقعي جو اڃان تائين ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو  ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي ھئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.