ڪوٽڙي لڳ چوري جي ڪوشش، مزاحمت تي چور سوگهو

ڪوٽڙي(ت ر)ڪوٽڙي ڳوٺ ڊڀون شورو لڳ گھ جي فيڪٽري مان  چوري جو سامان رڪشي ۾ کڻي وڃي رهيا هئا تہ ڳوٺاڻن اشتياق پٺاڻ، عثمان پٺاڻ، ۽ پوسٽ انچارج جو پٽ ساگر پنهور پڪڙي  پوليس حوالي ڪري ڇڏيو پوليس جو چوڻ آهي تہڳوٺاڻن 3 ڄڻا پوليس جي حوالي ڪيا آهن معاملي جي جاچ ڪريون پيا، حقيقي ڏوهارين کي بخش نہ ڪبو آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نہ ٿي سگهيو.

  • حيدرآباد ۾ پوليس ڪارروائي، 4 ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

  • حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري چئن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. اي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته لطيف آباد يونٽ نمبر 8 ۾ ڪارروائي دوران شهزاد نبي پٺاڻ کي گرفتار ڪيو آهي. جوابدار جو تعلق ڪار ڦر ڪندڙ گروهه سان آهي. سندس قبضي مان ڪراچي مان ڦر ڪيل ڪار هٿ ڪئي وئي آهي. مٿس سائيٽ، اي سيڪشن ۽ پڃاري ٿاڻن تي پوليس مقابلي سوڌو ٻيا ڪيس داخل ٿيل آهن. ڀٽائي نگر پوليس فلٽر پلانٽ واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران عدنان سومرو ۽ عارج ميمڻ کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 2 ڪلو 330 گرام چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. راهوڪي پوليس ناريجاڻي واري علائقي مان جوابدار بشير ماڇي کي 10 ليٽر ڪچي شراب سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.

     

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.