ڀاڻ بليڪ تي وڪرو خلاف ڪرڻ ڪڍڻ جا آبادگار سراپااحتجاج، ڌرڻو

ڪڍڻ (رپورٽ:بابو کوسو ) يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ خلاف "ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن” پاران اڄ ڪڍڻ پريس ڪلب آڏو عبدالغفور چانڊيو, گل محمد گرگيز, اصغر جمالي, عارف انصاري, ربنواز نوتيارنقاش جمالي سڪندر نوتيار جميعت علماء اسلام جو اڳواڻ مولانا الهبخش نوتيار محمد عيسي بجير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو, انھي موقعي تي ھنن چيو ته ھن علائقي ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ سبب اڳ ۾ ئي زراعت تباھ آھي ويتر ھڪ منظم سازش تحت ڀاڻ جي کوٽ پيدا ڪري ھن علائقي جي آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي, ھنن چيو ته سنڌ سرڪار ۽ ضلع انتظاميا بدين جي غلط پاليسين سبب ھتان جا ڊيلر ارڙنھن سئو روپين واري ٻوري ٽي ھزار روپين ۾ وڪڻن پيا جن کان ڪير به پڇاڻو ڪرڻ وارو ناھي, ھنن ٽنڊي باگي واري واقعي جي پڻ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته ملوث بااثر ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي, آخر ۾ ھنن زراعت کانتي جي وفاقي ۽ صوبائي وزيرن ۽ سنڌ جي وزير اعلي ۽ ڊي سي بدين کان مطالبو ڪيو ته ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪري ھن علائقي جي زراعت کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.