ڪنري انتظاميا جي مڙسي، يوريا ڀاڻ سان ڀريل ٽرالر هٿ، 1100 ٻوريون آبادگارن کي وڪرو

ڪنري (ت ر) ڪنري پوليس ٻسٽان ناڪي وٽ آيل ڀاڻ جي 11 سئو ٻورين جي ٽرالر کي هٿ ڪري ورتو، پوليس اي سي کي آگاھ ڪيو، جنھن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر محمد حسن کوسو ڀاڻ جي ٽرالر کي تحويل ۾ وٺرائي پراڻي ڪاٽن فيڪٽري ۾ آبادگارن کي گھرائي 1775 روپيا في ٻوري جي حساب سان سرڪاري اگھ تي وڪرو ڪرايو، ڀاڻ خريد ڪرڻ لاءِ آبادگارن جو وڏو انگ پھتو، ذريعن موجب هٿ ڪيل ٽرالر ۾ پيل ڀاڻ مھيش ڪمار لوھاڻا، لڇمڻ سوني ۽ کاٽائو مل نالي ڊيلرن جو ھو. ٻئي پاسي اسسٽنٽ ڪمشنر پاران چار ڏينھن اڳ آيل ڀاڻ کي 26 سئو کان 32 سئو روپين تائين جي بليڪ تي وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ ڊيلر مھيش لوھاڻي کي گرفتار ڪيو ويو، جنھن کي بعد ۾ بااثرن جي چوڻ تي ڏنڊ لڳائي آزاد ڪيو ويو، ذريعن موجب آزاد ڪيل ڊيلر سياسي اثر رسوخ ۽ پھچ رکندڙ ھئڻ ڪري آبادگارن کي مختلف وقتن کي ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندو رھي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.