قمبر ۽ ڀپاسي منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون، ڪيترائي گرفتار

قمبر (ڊ ر) ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سُمير نور جي سخت حڪمن  تي منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي۔ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس پنج منشيات فروشن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي ٻڌايو ته منشيات فروشن ۾ شبير بنگلاڻي کان شراب جون بوتلون، سيد مراد علي کان يارنهن سو گرام چرس،گلزار علي چهواڻ کان ٻہ ڪلو گرام چرس،علي دوست جاگيراڻي کان ٻہ ڪلو گرام گٽڪو ۽ شڪيل احمد تنيو کان يارنهن سو گرام چرس برآمد ڪري ورتو آهي۔ جڏهن تہ منشيات فروشن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سُمير نور چنہ چيو تہ منشيات فروشن خلاف قمبر شھدادڪوٽ پولیس جون ڪاروايون جاري آھن۔ ضلعي مان منشيات فروشن جي خاتمي تائين پوليس جون اهڙيون ڪارروايون روزانہ جي بنياد تي جاري رهنديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.