پي پي ايڇ آءِ جو عملدارن ڊسپينسرين جو دورو، عمارت زبون قرار

بهارو(ن ع آ) بهارو واسي شهري محسن گلال پاران ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سان ملاقات ڪري کيس 4 سال اڳ تعمير ٿيل بهارو ڊسپينسري کي هلائڻ جي درخواست ڪئي هئي. اهڙي درخواست تي ڊي سي خيرپور جي حڪم تي پي پي ايڇ آءِ سکر ريجن جي مئنيجر طاهر علي لاشاري ۽ ضلعي خيرپور جي مئنيجر حيدر علي شاهه ڳوٺ ڦلو جي ڊسپينسري جي بلڊنگ ۽ بهارو ڊسپينسري جي بلڊنگ جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي پي ايڇ آءِ جي عملدارن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پي پي ايڇ آءِ ڦلو جي عمارت ٺيڪ آهي جنهن کي جلد صحت جون مهيا ڪيون وينديون، باقي بهارو ڊسپينسري جي عمارت ويهڻ جي لائق ناهي، جنهن لاءِ اختياريون کي لکنداسين ته عمارت جي مرمت ڪرائين، هن دوري بابت اختيارين کي آگاهه ڪنداسين.

  • سکر ۾ نئين سال جي شروعات، 60 موبائيلن سميت هڪ ڌاريل گرفتار

سکر(رپورٽر) سکر پوليس پاران نئين سال جي شروعاتي ٽن ڏينهن ۾ هيٽرڪ، پوليس مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل، شهرين کان کيل 60 موبائل فون برآمد سميت ٻه ڪاريون بر آمد ڪري مالڪن حوالي، خبر موجب: سکر پوليس پاران نئين سال جي شروعاتي ٽن ڏينهن دوران ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي سال جي شروعاتي ٽن ڏينهن ۾ هڪ ڌاڙيل کي ماريو ويو، جڏهن ته 60 موبائل فون ۽ ٻه ڪارون برآمد ڪري مالڪن حوالي ڪيون ويون، هوڏانهن پوليس جي بهترين ڪارڪردگي تي ايس ايس پي سکر پوليس پارٽي لاءِ شاباش جو پيغام جاري ڪيو آهي.

  •  خيرپور ڀرسان مينهن چوري جي ڪوشش، مزاحمت مال ڇڏائي ورتو

خيرپور (  س ر ) خيرپور اي سيڪشن  پوليس جي ڪاروائي جيل روڊ کجور منڊي  خيرپور وٽان رات 3 بجي ڪرشن داس باگڙي جي گھر مان نامعلوم چور مينھ ڪاھي فرار ٿي رھيا ھئا ته  ايس ايڇ او اي سيڪشن لياقت علي لاشاري اطلاع ملڻ سبب بر وقت ڪاروائي ڪري واري ڳوٺ رائنا ڦاٽڪ وٽ دليري سان مقابلو ڪري چورن کان مينھ  ڇڏائي ورتي۽ چور فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا ايس ايڇ او لياقت لاشاري مينھ رڪور ڪري اصل مالڪ ڪرشن داس باگڙي منڊي جو رھواسي جي حوالي ڪئي،جنهن تي ڪرشن داس باگڙي ايس ايڇ او لياقت علي لاشاري جن جا ٿورائتا مڃيا ۽  گلن جا ھار پڻ پارايا ،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.