”چيف جسٽس ٿو اچي“ ٿر جا ڀاڳ کُلي پيا، ترقياتي ڪم شروع

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)چيف جسٽس جي اچڻ واري دوري بعد ٿر جا ڀاڳ کلي پيا آهن،چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي 8 جنوري تي ٿر اچڻ واري دوري بعد انتظاميا ڏينهن رات هڪ ڪري ترقياتي ڪمن ۾ لڳي وئي آهي،اُنهي سلسلي ۾ مٺي اسپتال کي رنڱ روغن ڪري مٺي پاڻي سان ڏينهن ۽ رات صاف ڪيو پيو وڃي،شهر اندر داخل ٿيندڙ روڊن سميت اسپتال ڏانهن ويندڙ روڊن کي چمڪايو پيو وڃي،مختلف قسمن جا رنڱ ڪري گلڪاري ڪئي پئي وڃي، مٺي اسپتال کي رنڱ روغن ڪيو پيو وڃي، ائين ڇاڇرو ۽ اسلام ڪوٽ جي اسپتالن جو به ڀاڳ کلي پيو آهي،اسپتالن ۾ جديد ۽ ڊجيٽل مشينري به ايمرجنسي بنيادن تي گُهرائي رکي وئي آهي،ننگرپارڪر واري ڀڳل ٽُٽل روڊ کي به ٺاهڻ جو ڪم تيز ڪيو ويو آهي،سنڌ حڪومت جي سڄي مشينري کي ٿر ۾ لاٿو ويو آهي،جيڪو ڏينهن ۽ رات هڪ ڪري اهم پٽڪي بچائڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن،انتظاميا جون ننڍون حرام ٿي ويون آهن،اُنهي سلسلي ۾ ٿرواسين اهڙي طريقي سان ٿيندڙ ڏيکاءُ وارن ڪمن تي حيرانگي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون دفعو انتظاميا کي ڪم ڪندي ڏسي رهيا آهيون،ٿرواسين چيو آهي ته چيف جسٽس ٿر اچي نه اچي پر رُڳو ٿر جي دوري جا اعلان ڪندو رهي تڏهن به ڪافي مسئلا حل ٿي ويندا، چيف جسٽس پاڪستان ۽ چيف جسٽس آف سنڌ کي گذارش ڪيون ٿا ته هر پنجين مهيني هڪڙو ٿر جو دورو رکن ۽ سال ۾ ٿر جا 2 کان ٽي وزٽ ٿين ته انتظاميا کي خبر پوي، باقي انتظاميا هي عارضي طور ڏيکاءُ خاطر ڪم ڪندي نظر اچي پئي، چيف جسٽس کي شهرن بدران ٻهراڙين جا سپرائيز وزٽ ڪرڻ گهرجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.