لاڙڪاڻي ۾ دڪاندارن يرغمال، هٿيارن جي زور تي ڦر، ڏوهاري فرار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد ليلا آباد جي علائقي پراڻي پاسپورٽ واري آفيس وٽ سومر رات دير سان هٿياربندن گارمينٽس جي دڪاندار شڪيل عرف وڪي شيخ کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کانئنس 15 هزار روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا. ان موقعي تي متاثر دڪاندار شڪيل عرف وڪي شيخ ٻڌايو ته معمول موجب رات دير سان مون گارمينٽس جو دڪان بند ڪري گهر پئي ويس ته پراڻي پاسپورٽ واري آفيس وٽ موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن پسٽل جي زور تي مون کي يرغمال بڻائي 15 هزار روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع دڙي ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو پر پوليس چورن خلاف ڪا به اثرائتي ڪاروائي نه ڪئي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڦورن کي گرفتار ڪري روڪ رقم ۽ موبائيل فون واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.