دريا خان مري لڳ ٽرالي جو ڪار کي ٽڪر، هڪ فوت، ٻيو زخمي

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري نوشھروفيروز لنڪ روڊ درگاھ معافي فقير وٽ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ڪار جو ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪوٽ لالو واسي حافظ عبدالله راڄپر  فوت ٿي ويو،  جڏهن ته ھڪ ڄڻو عبدالحڪيم راڄپر سخت زخمي ٿي پيو فوتي جو لاش ۽ زخمي کي فوري طور تي سول اسپتال نوشھرو فيروز منتقل ڪيو ويو زخمي عبدالحڪيم راڄپر جي ڳڻتي جوڳي حالت ھجڻ سبب کيس نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو ، جڏھن ته فوتي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو فوتي جي جنازي نماز ڪوٽ لالو ڀرسان ڳوٺ گلشير راڄپر م ادا ڪرڻ بعد فوتي جي مڙھ کي سوين آلين اکين سان مٽيءَ  ماءُ  حوالي ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.