ڪرمپور ۾ مرحوم صحافي جي جنازي نماز، سياسي سماجي اڳواڻ شريڪ

ڪرمپور ( ن ع آ ) ڪرمپور ۾ نالي واري صحافي، ليکڪ، ڪالم نويس، نجي ٽي, وي جي اينڪر سينيئر صحافي راهب علي ٻپڙ جي جنازي نماز اباڻي ڳوٺ مهرو ماڙي ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نواب شاهه، لاڙڪاڻو, گهوٽڪي, شڪارپور, ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن جي ننڍن وڏن شھرن جي صحافين توري سياسي سماجي، مذھبي  واپارين سول سوسائٽي جي اڳواڻن مختلف برادرين جي ماڻهن مرحوم جي ويجهي دوستن ۽ علائقي معززين  سردارزاه مير شيراز علي خان بجاراڻي، مير شاهزين خان بجاراڻي سوين ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،  هوڏانهن جنازي نماز ۾ نامعلوم بشني پاران صحافين سميت ٻين جي ماڻهن جي کيسن مان ڪيترائي موبائيل سيٽ چوري ڪري ويا علائقي واسين هڪ بشني کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو,  ٻئي طرف مرحوم صحافي راهب علي ٻپڙ کي شيرڳڙه واري علائقي شاه حسين واري اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، آخر ۾ ياد رهي ته مرحوم صحافي راهب ٻپڙ جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.