سجاول لڳ نينگر کي ٽرالر چيڀاٽي ڇڏيو

سجاول(رپورٽ:امتياز علي سومرو) سجاول لڳ سيدپور اسٽاپ وٽ روڊ پار ڪندي 13 سالا نينگر رستم ملاح تيز رفتار ٽرالر هيٺان اچي وڃڻ ڪريچيڀاٽجي فوت ٿي ويو آهي حادٽي جي اطلاع تي پوليس پهچي فوتي نينگر جي لاش کي سول اسپتال سجاول کڻائي آئي جتان ضروري ڪارروائي بعد فوتي نينگر جي لاش کي وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور ٽرالر ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي واضح رھي ته سجاول لڳ سيدپور گولائي واري ھنڌ تي حادثا روز جو معمول بڻيل آھن، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آھي ته روڊ حادثن کان بچڻ لاءِ مين روڊ تي اسپيڊ بريڪر هڻايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.