گهوٽڪي ۾ ڀاڻ ڏيڻ وقت بدنظمي، سوين ٻوريون گم، ڊيلر جو احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ۾ ڊيلر ۽ ذراعت کاتي جا عملدار آبادگارن کي ڀاڻ فروخت ڪرڻ دوران بدنظمي ڊيلر پاران سوين ٻوريون گم ٿيڻ تي احتجاج، گهوٽڪي غلا منڊي جي ڊيلر روي ڪمار جو چوڻ آهي ته زراعت کاتي جي عملدارن سان گڏجي ماٿيلو چوڪ ڀرسان پرچي تي آبادگارن کي ڀاڻ ڏيئي رهيو هيس ته ڪجھه شرپسندن حملو ڪري منهنجو سوين ڀاڻ جون ٻوريون زبردستي کڻي فرار ٿي ويا , هن چيو ته منهنجو سوين ٻوريون کڻي وڃڻ ڪري مونکي لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي , ان موقعي تي هن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ڊي سي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته فوري طور شرپسند خلاف قانوني ڪاروائي ڪري ڀاڻ جون ٻوريون واپس ڪيون وڃن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.