جسٽس فائز عيسيِٰ جي گهروارن کي ڌمڪيون ڏيندڙ پڪڙ کان آجا آهن

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد ڇانڊيو، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ ماهه نور ملاح پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته جسٽس فائز عيسيِٰ جي گهروارن کي حراسان ڪرڻ جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي حراسان ڪرڻ ذريعي اعليٰ عدليا مٿان حملو ڪيو ويو آهي. غير جمهوري قوتون ملڪ جي آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪندي سويلين ادارن مٿان حملا آور ٿي رهيون آهن. اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن سنڌ پوليس جي آءِ جي کي اغوا ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ٿئي هان ته اڄ قاضي فائز عيسيٰ جي گهروارن کي حراسان ڪرڻ جي ڪنهن ۾ به جرئت نه ٿئي هان. قاضي فائز عيسيٰ جي گهر تي حملا آورن جيان چڙهائي ڪري گهر وارن کي ڊيڄاڙئڻ ۽ ڌمڪائڻ جهڙا سنگين ڏوهه ڪندڙ اڃا تائين قانون جي پڪڙ کان آجا آهن جنهن ڪري ملڪ جي انصاف جي نظام تي آڱريون کڄي رهيون آهن. وفاق توڙي سنڌ حڪومت هن معاملي جو نوٽيس نه وٺي ثابت ڪيو ته هو آءِ جي جي اغوا واري معاملي جيان هن معاملي تي به ملڪي انصاف جي نظام جو جنازو کڻڻ چاهين ٿا. اسين سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ڪورٽ جي چيف جسٽس صاحبن کي گذارش ٿا ڪيون ته جسٽس قاضي فائز عيسيِٰ جي گهروارن کي ڌمڪائڻ ذريعي عدليا تي حملا آور ٿيندڙ قوتن خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ لاءِ پاڻ مرادو نوٽيس وٺي عدليا تي حملا آور ٿي ملڪ جي انصاف واري نظام کي قيد ڪرڻ جي سازش ڪندڙ قوتن کي سخت کان سخت سزا ڏين. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو عوام جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت سمورن حق پرست ججن، وڪيلن، صحافين، اديبن، دانشورن ۽ سمورن پيشن تعلق رکندڙ باغيرت ماڻهن سان گڏ آهي. آئين ٽوڙي پر امن شهرين جي گهرن تي چڙهايون ڪري سندن گهروارن کي ڊيڄاڙيندڙن کي ڦاسي ملڻ گهرجي.  ٻئي پاسي ناليواري صحافي راحب ٻپڙ جي فوت ٿيڻ تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن انتهائي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته راحب ٻپڙ عوامي صحافت ۽ سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اسين راحب ٻپڙ جي وارثن سان هن ڏک جي گهڙين ۾ برابر جا شريڪ آهيون. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ خوشبو ڪپري جي فوتگي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي اڳواڻن چيو آهي ته اسين هن ڏکن جي گهڙين ۾ ادي خوشبو جي وارثن سان برابر جا شرڪ آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.