رسول بخش درس اميد پرست انسان ۽ سنڌ جو عاشق هو: مقرر

جهمپير ( ن ع آ)  سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار رسول بخش درس جي پهرين ورسي جهمپير ۾ڪينجهر ڪنڌي تي ملهائي وئي، ان موقعي تي قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وي سي فتح محمد برفت چيو ته رسول بخش درس فڪري ۽ سياسي طور سائين جي ايم سيد سان لاڳاپيل هو ۽ آخر تائين ان سان هڪ سلهاڙيل رهيو، جڏھن به ڪي قومي ڪارڪن يا اديب ڏکيائين سبب پريشان ٿيندا هيا ته اهي رسول بخش درس سان ملڻ ايندا هيا، رسول بخش درس اميد پرست انسان ۽ سنڌ جو عاشق هو، هڪ وڏو اديب هجڻ سان گڏ ھو سنڌي ثقافت جو به آئيني دار هيو، جسم اڳواڻ نواز شاهه ڀاڏائي،  جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ  فتاح چني، ايس يو پي اڳواڻ امير آزاد پنهور  چيو ته هن ادب ۾ نوان قدر متعارف ڪرايا ھو مھمان نواز ۽ مٽي سان پيار ڪندڙ شخص هو، هن زندگي جي ايم سيد جي فلسفي تي عمل ڪندي گذاري، هو ڪوھستان ۾ھڪ وڏو نالو ھيو، سندس وڇوڙو ھڪ وڏو خال پيدا ڪري ويو، سورهيا سنڌي، سارنگ جويو، ڊاڪٽر ثمينا واحد، نواز خان زئور،  سنڌ سجاڳ فورم جي محب آزاد، محمد بخش بروهي، ابراهيم سوهو ۽ ٻين ڳالھائيندي  جيڪو ڀرجي نٿو سگھي، هن زندگي ۾ ڪيتريون ئي دنيا جون حقيقون پنھنجي قلم ذريعي نقش بند ڪيون، نه رڳو ڪھاڻيون لکيون پر سندس ڪردار به شاندار رھيا، رسول بخس درس جي رھائش گاهه تي سدائين ميلا متل ھوندا ھيا. جھمپير شھر ۾ ويھي سڄي سنڌ جو شعور بيدار ڪيو موسيقي ۽ راڳ ۽ ڪچھري جو عاشق ھو سندس لکڻيون ماڻھن جي دل تي اثر ڪن ٿيون، ان موقعي تي الهجڙيو برفت عبدالقادر پالاري  شاهه محمد چانگ عرس پالاري غلام رسول شورو  ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا. ان اڳ مزار تي حاضري ڀري کين قومي ترانو ڳائي گلن جي چادر چاڙھي وئي تقريب ڪوٺائي کين ڀيٽا پيش ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.