سنڌ ۾ عوام جي حقن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن: ڪيو اي ٽي سربراهه

حيدرآباد/سجاول (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجو ڪئناڊا، آمريڪا ۽ يو اي اي ۾ رھندڙ اشفاق ميمڻ، اسحاق تنيو، علي ممتاز شر، رضا گھلو، يوسف ڪلھوڙو، شبير سڌايو، مختيار جٽ، جنيد ميمڻ، احمد علي دل ۽ ٻين کي آجياڻو ڏنو ۽ مھمان کي سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا۔ آجياڻي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته آمريڪا، يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ ويٺل سنڌي ماڻهو آزاد سماجن ۾ رهن ٿا پر سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جو الزام هڻي معصوم نياڻيون قتل ڪيون وڃن ٿيون. ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. 70/80 سيڪڙو تعليم تباھ ڪئي وئي آهي۔ نصاب ۾ سائنس ۽ تاريخ ناهي. سنڌ جي پرائمري تعليم تباھ آهي۔ سنڌ جي ماڻهن کي ايڇ آء وي، هيپاٽائٽس، ڪينسر ۽ ٻين بيمارين جي ور چاڙهيو ويو آهي. ڊرينيج جو گندو پاڻي پيئڻ جي پاڻي جي لائينن ۾ شامل آهي. آمريڪا، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ ائين هجي ته اتي جي ماڻهن جو هانو ڦاٽي پئي. ڪراچي ۾ ويٺل ڀائر ڪڏهن ڌار صوبو ته ڪڏهن ٻيون نفرت جون ڳالهيون ڪن ٿا. ٻاھر ويٺل سنڌي پنهنجن ٻارن کي رومن سنڌي پڙهائين. ٻولي جي بچاءُ ۽ سائنس جي جنگ وڙهن. سنڌ ۾ عوام جي حقن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن۔ مزدور، ھاري ۽ غريب عوام کي ٻن ويلن جي ماني کان محروم ڪيو ويو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومت وٽ سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪو پروگرام ئي ناھي، ھن چيو ته حڪمران سنڌ کي لٽڻ ۽ تباھ ڪرڻ بند ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.