قمبر ۾ زرعي زمين جي پلال مان بيهوش پيرسن هٿ، اسپتال داخل

قمبر(ڊ ر) قمبر جي ڳوٺ ڦال لڳ زرعي زمين جي پلال مان بيھوش پيرسن مليو جنھن کي سٽي پوليس قمبر جي مدد سان قمبرجي سرڪاري اسپتال ۾ پهچايو ويو ان موقعي تي شهيد ڀٽو اڳواڻن ڪامريڊ شوڪت چانڊيو،عرفان گوپانگ چيو ته اسان پيرسن کي بيهوشي واري حالت ۾ پوليس سان گڏجي انسانيت جي ناتي  پنهنجو فرض سمجهي اسپتال پهچايو آهي جتي سندس علاج هلندڙ آهي جيسيتائين پيرسن جا وارث نه آهن اسان کيس گڏجي مدد ڪندا سين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.