ٺل ۾ بدامني، موٽر سائيڪل چوري، پوليس خاموش

ٺل ( ن ع آ )  ٺل ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد پاران ايس ايڇ او کي بدامني ٿيڻ تي تبديل ڪرڻ باوجود به بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي جنهن ڪري ڏينهن ڏٺي جو شهر جي جيلاني شادي حال مان نامعلوم چاٻيچور غلام مصطفي بنگلاڻي جي سي ڊي موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا اهڙي واقعي جو اطلاع ملڻ باوجود به پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي

  •  ميهڙ ويجهو تعليم کاتي جي آفيسر کان موٽر سائيڪل چوري

ميهڙ(س ر)ميهڙ ڀرسان ميهڙ راڌڻ روڊ تي ميهڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ پپري ڀرسان نامعلوم هٿياربندن تعلقا ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ميهڙ ضمير علي ڳورڙ کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کائنس سي ڊي موٽر سائيڪل روڪ رقم موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.