بٺوري لڳ چوري ڪوشش، ڀاڳيا سجاڳ، مزاحمت ۾ هڪ ڀاڳيو قتل، هڪ زخمي، 2 چور سوگهار

ميرپوربٺورو ( رپورٽ:  شوڪت سومرو )ميرپور بٺورو ۾ وڌندڙ بدامني هڪ حياتي کسي ورتي، ساڳئي ڳوٺ ۾ مسلسل ٽيون ڀيرو چوري جي ڪوشش دوران ڀاڳيا جاڳي پيا ،چورن جي فائرنگ ۾ هڪ ڀاڳيو قتل ٻيو زخمي، ڳوٺاڻن ٻن جوابدارن کي مڙسي ڪندي پڪڙي ورتو، انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو لڳ ڳوٺ اسحاق سولنگي ۾ گذريل ٻن هفتن دوران گهر مان موٽر سائيڪل چوري ٿيڻ ۽ دڪان کي کاٽ لڳڻ جي ڪجهه ڏينهن بعد مسلسل ٽيون ڀيرو چوري جي ڪوشش دوران ڀاڳيا جاڳي پيا جنهن تي چورن پاران ڀاڳين تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب چاچو يوسف سولنگي موقعي تي مارجي ويو جڏهن ته فوتي جو ڀائٽيو قربان سولنگي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور تي تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو منتقل ڪيو ويو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو آهي، هوڏانهن ڳوٺاڻن مڙسي ڪندي هڪ چور خان ڪنڊرا کي زخمي حالت ۾ سندس ساٿي مجيد ڪنڊرا سميت پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته 3 جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، واقعي تي اطلاع تي ڊي ايس پي بٺورو، ايس ايڇ او بٺورو نفري سميت واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن،ياد رهي ته ڳوٺ اسحاق سولنگي ۾ گذريل ٻن هفتن دوران موٽر سائيڪل چوري سميت چوري جون ڪيتريون ئي وارداتون ٿي چڪيون آهن ليڪن پوليس انتظاميا پاران روايتي نااهلي جو مظاهرو ڪرڻ سبب ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو جنهن سبب چورن جي ٻيگهي متل هئڻ سبب هڪ حياتي کسجي ويئي، هوڏانهن پوليس اسٽيشن بٺورو تي فوتي يوسف ملاح جي پٽ اسلم ملاح جي فرياد تي چئن جوابدارن مجيد پٽ گل ڪنڊرا خان پٽ جڙيو ڪنڊراه بلاول پٽ قاسم ڪنڊراه ۽ امير پٽ محمد ملاح تي قلم 302،459۔460، 34ppcتحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.