قبو سعيد لڳ زمين مالڪي تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو، فائرنگ، هڪ زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) قبو سعيد خان ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاهه وسايو ۾ زرعي زمين جي مالڪي جي تڪرار تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو جتي مبينا وڏي ڀاءُ فائرنگ ڪري پنهنجي ننڍي ڀاءُ ٻن ٻارن جي پورهيت پيءُ دودا خان مستوئي کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن کي وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي پورهيت جي ماروٽ غلام مرتضيٰ مستوئي ٻڌايو ته منهنجي ٻن ماروٽن رانجهو ۽ دودا خان وچ ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ آهي جنهن معاملي تان اڄ رانجهو خان بندوق جا فائر ڪري ماروٽ دودا خان مستوئي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويو اهڙو اطلاع حد جي قبو سعيد خان ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو پر پوليس ڪا به ڪاروائي نه ڪئي جنهن ڪري رانجهو خان فرار ٿي ويو آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين زخمي پورهيت جو علاج پڻ هلندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.