لاڙڪاڻي مان گم ٿيل نينگر جو ڏس پتو نه مليو، وارث پريشان

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد نيو سبزي منڊي واري علائقي مان گذريل 25 ڊسمبر جي ڏينهن 12 ورهين جو نينگر جمال الدين عرف جاني کچي پٽ ڪمال الدين کچي گهران نڪرڻ بعد پراسرار نموني گم جنهن تي وارثن نينگر کي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڳولا ڪرڻ سان گڏ حد جي علي گوهر ٿاڻي جي پوليس کي پڻ اهڙو اطلاع ڏنو پر هفتو گذرن جي باوجود پوليس نينگر کي هٿ نه ڪري سگهي جنهن ڪري پوليس جي اهڙي ناڪامي کان پوءِ وارثن نينگر جي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳولا شروع ڪندي شهر جي مختلف علائقن ۾ چنگچي تي پڙها ڏيارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جتي نينگر جي تصوير کڻي شهرين کي پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏئي نينگر جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن پراسرار نموني گم ٿي ويل نينگر جي لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي آهي ته گم ٿي ويل ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.